Social Icons

Sunday, November 3, 2013

About New districts in Sindh.


¨ بظاهر اها ڪا وڏي ڳالهه به ناهي. ننڍا ڳوٺ وڏا شهر ٿيندا آهن ۽ وڏا شهر تعلقن جي ڏاڪي تي اچي ضلعا بڻجي ويندا آهن، پر سنڌ ۾ هاڻي ڪنهن به قسم جي ڪا جاگرافيائي تبديلي ٿئي ٿي ته سنڌي ماڻهن جو هانو هٿن ۾ اچي وڃي ٿو.
¨ ماڻهو ته پنهنجن شهرن کي تعلقا ۽ ضلعا ٺهندي ڏسڻ چاهيندا آهن، پر سنڌي ماڻهن ۾ الٽو خوف ۽ خدشن جو طوفان برپا ٿي ويو آهي.
¨ ٻيو ته سنڌين کي اسٽيبلشمنٽ مان چڱائي جي اُميد ناهي رهي ۽ نه ئي اسٽيبلشمنٽ اهو تاثر ختم ڪرڻ لاءِ ۽ سنڌين جون دليون کٽڻ يا اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ ڪڏهن ڪا مثبت اڳڀرائي ڪئي آهي.
¨ پارٽين کي ووٽ برابر عوام ڏيندو آهي پر عام تاثر اهو آهي ته اقتدار کانپوءِ حڪمران پارٽيون عوام بدران اسٽيبلشمنٽ جي پاليسين تحت ڪم ڪنديون آهن ۽ عوام سان ”ڪم لٿو ڊکڻ وسريو“ واري ڪار ٿيندي آهي.
¨ ان ڪري عام ماڻهن جو اهو به خيال آهي ته نون ضلعن ۽ ذوالفقار آباد جهڙا نوان شهر ٺاهڻ بدران پهريون پراڻن ضلعن ۽ شهرن تي ڪم ٿيڻ گهرجي، جن کي ورهين کان هٿ ئي ناهي لڳو.
¨ سنڌ جي جاگرافي سان تاريخي طور تي ايڏيون ته ويساهه گهاتيون ٿيون آهن، ايڏيون ته سسائي ننڍيون ڪيون ويون آهن، جو هاڻي ڪنهن به قسم جي هٿچراند کي سنڌي ماڻهو سنڌ جي وحدت تي وار سمجهن ٿا.
¨ سو پ پ حڪومت جيئن ته سنڌي جي جاگرافي ۾ هٿ وڌو آهي، قديم ضلعن کي ٽوڙڻ لڳي آهي ۽ ڌڙا ڌڙا نون ضلعن ڏانهن وڃي رهي آهي ته سنڌي ماڻهن جي اندر ۾ خوف جي سيسراٽي پڻ هلچل مچائي ڏني آهي.
¨ هاڻي پ پ حُڪومت جيڪڏهن ڪنهن هڪ ضلعي کي توڙي ٻه اڌ ڪري ٿي، نوان ضلعا ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته سنڌي عوام خوف ۾ وٺجي وڃي ٿو ته سنڌ کي ٽوڙڻ جا ته ڪي هي اپاءَ ناهن؟

No comments :

Post a Comment