Hi Mahengai...........
Moulana Munawar Hassan

Jhali Kalwari
عورتون هن ڳالهه کي تسليم ڪن يا نه ڪن پر سائنس هن ڳالهه کي ضرور مڃي ورتو آهي ته پنهنجي سس سان گڏ وقت گذارڻ شادي شده زندگي کي وڌيڪ خوشگوار بڻائي سگهي ٿو. آسٽريليا ۾ ڪيل هڪ نئين تحقق ۾ هي ڳالهه سامهون آئي آهي ته پنهنجي سس سان گهڻو گڏ رهڻ يا ملڻ جلڻ سان محبتون وڌن ٿيون ۽ گهريلو زندگي خوشگوار ٿئي ٿي، تنهن ڪري سس کان پري رهڻ بدران سندس ويجهو رهڻ ۾ ئي ننهن کي خوشي ملندي.
هي اهو روڊ آهي جنهن جي هيٺان وڇايل بجلي جي تارن ذريعي اليڪٽروميگنيٽ فيلڊ ڪئي وڃي ٿي، جنهن سان بس هيٺان لڳايل اوزار بجلي پيدا ڪري ٿو ڏکڻ ڪوريا هن روڊ کي اهڙي طريقي سان ٺاهيو آهي جو هن تي هلندڙ گاڏين کي چارج ڪري سگهجي ٿو. اختيارين جو چوڻ آهي ته هي دنيا ۾ سڀ کان پهريون روڊ آهي، جيڪو گاڏيون چارج ڪري ٿو. هن جي ڊيگهه 12 ڪلو ميٽر آهي جنهن جو مطلب ته جن گاڏين ۾ اهڙو اوزار لڳل هوندا تن کي بيهڻ جي ضرورت نه پوندي ۽ هلندي هلندي چارج ٿي وينديون.