Social Icons

Tuesday, November 12, 2013

اليڪٽرڪ گاڏين کي چارج ڪندڙ روڊ



Picture6                         هي اهو روڊ آهي جنهن جي هيٺان وڇايل بجلي جي تارن ذريعي اليڪٽروميگنيٽ فيلڊ ڪئي وڃي ٿي، جنهن سان بس هيٺان لڳايل اوزار بجلي پيدا ڪري ٿو ڏکڻ ڪوريا هن روڊ کي اهڙي طريقي سان ٺاهيو آهي جو هن تي هلندڙ گاڏين کي چارج ڪري سگهجي ٿو. اختيارين جو چوڻ آهي ته هي دنيا ۾ سڀ کان پهريون روڊ آهي، جيڪو گاڏيون چارج ڪري ٿو. هن جي ڊيگهه 12 ڪلو ميٽر آهي جنهن جو مطلب ته جن گاڏين ۾ اهڙو اوزار لڳل هوندا تن کي بيهڻ جي ضرورت نه پوندي ۽ هلندي هلندي چارج ٿي وينديون.
عوامي بسون هن ٽيڪنالاجي مان وڏو فائدو حاصل ڪري رهيون آهن. سال 2015ع تائين هن ۾ 10 وڌيڪ بسن جو اضافو ڪيو ويندو. ڪوريا ايڊوانس انسٽيٽيوٽ آف سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجي ڪاٽسٽ جو ڊانگ هو چوڪا جيڪو هن پروجيڪٽ جو سربراهه آهي. تنهن جو چوڻ آهي ته نهايت فخر جهڙي ڳالهه آهي جو اسان هن منصوبي ۾ ڪامياب ٿي ويا آهيون. هي يقينن عوام کي ٽرانسپورٽ جي سهولت مهيا ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪرڻ جو هڪ وڏو موقعو آهي. هن جي چارجنگ جو طريقو ٻڌائيندي هن چيو ته بس هيٺان لڳل هڪ اوزار روڊ مان شيپڊ ميگنيٽڪ فيلڊ ان ريزفيش نالي ٽيڪنالاجي وسيلي بجلي حاصل ڪري ٿو. هن روڊ جي سطح اٽڪل 17 سينٽي ميٽر تائين مٿي آهي.

No comments :

Post a Comment