گهڻي چانهه پيئڻ جا ڪيترائي نقصان ته سامهون ايندا رهن ٿا پر هڪ نئين تحقيق موجب چانهه پي ڏندن جي سور کان بچي سگهجي ٿو. برطانيه ۾ ٿيل هڪ تحقيق موجب روز 3 ڪوپ چانهه پيئڻ سان ماڻهو جي ڏندن توڙي مهارن ۾ ماڪوڙو نه ٿو لڳي، تحقيق ۾ هي به چيو ويو آهي ته ڪهوو ڏندن ۾ وڌندڙ ويجهن ان قسم جي سڀني ڪيڙن ماڪوڙن سان وڙهڻ ۾ معاون ثابت ٿئي ٿو جيڪي سور ڪن ٿا. تحقيق ۾ هي به چيو ويو آهي ته سائي چانهه به ڏندن جي لاءِ ڏاڍي فائدي واري آهي ان سان ساهن ۾ به خوشبو اچي ٿي
Thursday, November 7, 2013
ڏاڪڻيون چڙهندڙ روبوٽ
جاپان ۾ انسان جي روزاني واري زندگي کي آسان بڻائڻ لاءِ نت نوان ۽ جديد روبوٽ تخليق ڪيا وڃن ٿا. پر هاڻي ته هڪ اهڙو روبوٽ به تيار ڪيو ويو آهي جيڪو ڏاڪڻيون چڙهڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ٻن هٿن ۽ ٻن پيرن وارو هي روبوٽ هڪ آٽوميٽڪ نظام تحت نهايت ڦڙتيءَ ۽ مهارت سان ڏاڪڻ تي چڙهي به ٿو ۽ لهي به ٿو. هن روبوٽ کي ٽن مهينن ۾ مڪمل ڪري نمائش جي لاءِ پيش ڪيو ويو آهي. هن جي منفرد بناوٽ ۽ سجاوٽ جي ڪري ڏاڍو پسند ڪيو پيو وڃي.
Labels:
Text
جيڪڏهن ڪو قدر ڪرڻ وارو نه ملي ته به نيڪي ڪرڻ نه ڇڏيو.
(حضرت علي رضه)
جڏهن انسان جي روش خدا جي حڪمن موجب بڻجي وڃي ته اهو دشمن کي به دوست بڻائي ڇڏيندو آهي.
(اب بيطار)
Labels:
Text
Heart Attack Signs
هارٽ اٽيڪ جون نشانيون
ضروري ناهي ته هر ڀيري هارٽ اٽيڪ جي علامت کاٻي ٻانهن ۾ سور هجي، بلڪ ڄاڙي ۾ شديد سور به هارٽ اٽيڪ جي علامت آهي. 60 سيڪڙو ماڻهن کي ننڊ ۾ هارٽ اٽيڪ ٿيندو آهي ۽ اهڙي ريت کين ننڊ ۾ ئي اچي ويندي آهي، جڏهن ته ڄاڙي جو سور اهڙو آهي جنهن سان اگهور ننڊ وارو ماڻهو به جاڳي پوي ٿو. تنهن ڪري ان جو گهڻو خيال رکو ڇو ته جيتري اوهان کي گهڻي ڄاڻ هوندي اوترائي هارٽ اٽيڪ کان بچڻ جا امڪان وڌيڪ هوندا
Labels:
Text
Cold water is dangerous during eating.
گرم پاڻي :
چين ۽ جاپان جا ماڻهو ماني کائڻ دوران ٿڌي پاڻي بدران گرم پاڻي پيئندا آهن. سو هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان به ٿڌو پاڻي پيئڻ بدران گرم پاڻي کي ترجيح ڏيون. هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته ماني کائڻ وقت ٿڌو پاڻي وڻندو آهي. پر هي اسان ڪڏهن سوچيو ئي نه هوندو ته ٿڌو پاڻي پيئڻ سان کاڌي ۾ موجود سڻڀ ڄمي وڃي ٿو. جنهن ڪري ماني هضم ڪرڻ وارو عمل سست ٿيو وڃي ۽ اهو سڻڀ جڏهن تيزابيت سان مل اسان جي آنڊي ۾ ڄمي وڃي ٿو ته پوءِ ڪينسر جي صورت اختيار ڪري وٺي ٿو. تنهن ڪري ماني وقت گرم پاڻي يا سوپ پيئڻ ضروري آهي.
Labels:
Text &Image
ڪم مڪمل ڪريو يا ننڊ
هڪ تازي سروي موجب 23 سيڪڙو آمريڪين کي اوجاڳي جي بيماري آهي جنهن سان آمريڪي معيشت کي ساليانو 63.2 بلين ڊالر جو نقصان ٿئي ٿو. تازو ئي آمريڪا جي اڪيڊمي آف سليپ ميڊيسن پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب ساليانو بنياد تي هر آمريڪي شهري کي اوجاڳي جي بيماري يا وري گهٽ ننڊ اچڻ جي بيماري جي ڪري 11.3 ڏينهن جو نقصان ٿئي ٿو.هاورڊ ميڊيڪل اسڪول ۾ نفسياتي بيمارين جي ماهر ۽ هن سروي ۾ شامل ڊاڪٽر رونلڊ ڪيسلر جو چوڻ آهي ته ”اسين انهن نتيجن جو جائزو وٺڻ بعد اچرج ۾ پئجي ويا سين ته ننڊ نه اچڻ يا وري گهٽ آرام ڪرڻ سان عام ماڻهو جي زندگي تي ڪيترو بُرو اثر پوي ٿو. ڊاڪٽر ڪيسلر وڌيڪ چيو ته ان جو مطلب اِهو ناهي ته گهٽ سمهڻ سان آمريڪي شهري ڪم ڪونه ڪندا آهن. ان جي ابتڙ آمريڪي پنهنجي ملازمت واري جاين ڏانهن ويندا آهن پر ڪم تمام گهٽ ڪري سگهن ٿا. ڊاڪٽر ڪيسلر موجب هن سروي ۾ آمريڪا جي 7 هزار کان وڌيڪ ملازمن کي شامل ڪيو ويو.اِها رپورٽ ڊاڪٽر ڪيسلر جي هن سروي جو حصو هئي جنهن جو نالو American Insomnia Study رکيو ويو آهي. اِها ريسرچ سال 2008 جي شروعات ۾ ڪئي وئي. هن سروي موجب اِها بيماري ليڊيز ورڪرز ۾ مردن کان وڌيڪ آهي. هن سروي ۾ شامل 27.1 سيڪڙو عورتن کي اوجاڳي يا وري گهٽ ننڊ اچڻ جي بيماري آهي جڏهن ته مردن ۾ اِها شرح 19.7 سيڪڙو هئي.ڊاڪٽر ڪيسلر موجب کيس خبر آهي ته ننڊ نه اچڻ جي ڪري آمريڪي معيشت کي ڪيترو نقصان ٿيو آهي. سروي موجب هن بيماري جي علاج لاءِ هر مريض ساليانو 200 ڊالر خرچ ڪري ٿو.
Labels:
Text
ڇا موبائل سان ڪينسر ٿئي ٿو
عام طور تي موبائل تي تنقيد ڪندڙن جو هي چوڻ آهي ته ان جي استعمال سان وقت ۽ پئسي جو زيان ٿئي ٿو. حادثن جو به خطرو هجي ٿو ظاهر آهي جيڪڏهن ڪو ماڻهو گاڏي هلائيندي ميسيج پڙهندو. ته حادثن جو خطرو ته هوندو. پر ڪجهه ماڻهو موبائل جي گهڻي استعمال کي ڪينسر جي خطري سان ڀيٽي رهيا آهن. ڪن نڪ ۽ ڳلي جي ماهر ڊاڪٽر ڪليم الله ٿهيم وائس آف آمريڪا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته موبائل فون ايمرجنسي جي صورتحال ۾ يا ڪا ضروري ڳالهه ڪرڻ جي لاءِ مختصر دورانئي لاءِ استعمال ڪرڻي آهي گهڻو وقت ڳالهائڻ نقصانڪار هجي ٿو ڇو ته موبائل مان نڪرندڙ برقي مقناطيسي اثر انساني صحت کي نهايت نقصان ڏئي سگهن ٿا. ڊاڪٽر جو چوڻ هو ته فون کي ڪن تي رکي گهڻي دير تائين ڳالهائڻ سان ڪن ۽ دماغ متاثر ٿي سگهن ٿا. تنهن ڪري موبائل کي ڪن کان ڪجهه پري رکي ڳالهائڻ گهرجي. ٿي سگهي ته اسپيڪر فون يا هينڊس فري اوزارن جو استعمال ڪرڻ گهرجي. فون ملائڻ وقت يا ڪنهن جو فون کڻڻ (رسيو ڪرڻ) وقت موبائل کي خاص طور تي ڪن کان پري رکيو وڃي ڇو ته ان وقت تمام گهڻي تابڪاري خارج ٿيندي آهي
Labels:
Text
Subscribe to:
Posts
(
Atom
)