Social Icons

Sunday, November 17, 2013

.....................ادا شادي ڪئي اٿم


Picture6 ليکڪ: جاويد بوزدار
                          پري کان نظر آيو عجيب حالت هيس، ڌڌڙ ۾ ڀڀوت لڳو پيو هو، وارن،مُنهن، مڇن، هٿن، پيرن، ڪنڌ ڪپڙن تي مٽي ئي مٽي هيس، رڳو اکيون ۽ ڏند نظر پئي آيس، جنهن مان لڳو ٿي ته هي به ڪو آدم جو اولاد آهي نه ته لڳي ها ته ڪو مٽي مان ٺهيل بت آهي جيڪو هلندو اچي. سندس چال مان لڳو پئي ته ٻيلي ڪو ڏٺل همراهه آهي نه ته سڃاڻپ کان چڙهيل هو.
ڪجهه ويجهو آيو ته يڪدم ياد اچي ويو ته هي ته سانول آهي، اهو سانول جيڪو جڏهن به ڏس ته صاف سٿرو، تيل ڦليل ڪيل، اڇو اجرو نظر ايندو هو. پورا پنا پر گهنڊيدار وار، وچان سينڌ نڪتل، وار پوئتي ورايل، جن مان سدائين ڏونگهي جي تيل جي خوشبو ايندي هئي. مڇون وٽيل، جاڙا ڀرون، خوبصورت وڏيون ڪاريون اکيون، انهن ۾ سرمو پاتل، اٿا خوبصورت ڏند، چپ ڳاڙها ڄڻ مساڳ لڳل هجي، اڇا ڪپڙا جيڪي، جهولو هجي مٽي جو طوفان هجي واچوڙو هجي، گرمي هجي يا سخت سيءُ پر سدائين صاف نظر ايندا هئس. هٿ ۾ رومال، پيرن ۾ چيڪاٽ ڪندڙ سنڌي سليپر، جيڪو کيس ڏسندو هو سانول ان جي دل ۾ مَنَهن اڏي ويهي رهندو هو. مرڪ سدائين سندس مُک تي هوندي هئي. سُجهندي ئي پنهنجو ڪم ڪار ختم ڪري پوءِ وتندو هو ڳوٺ ۾ تجلا ڪندو. ڪنهن سان کنئوس، ڪنهن سان ڀوڳ، ڪنهن سان چرچو، مون سان ۽ ڪجهه ويجهن دوستن سان هٿ کس به ڪندو هو، جو ڀاڪر ۾ ڀري ايڏو ته زور ڏيندو هو جو جسم مان ٺڪاءُ نڪري ويندا هئا. ڪڇهري جو به مور ، ڪڏهن ڪهڙي دڪان تي، ڪڏهن ڪنهن جي اوطاق تي، ته ڪڏهن ڪنهن جي ٻنيءَ ۾ بيٺو چرچا ڪندو هو. ماڻهو هن کي به چرچا هڻندا هئا ۽ چرچا به ڪچا پر مجال آهي جو چڙي. بس وندرلڳي پئي هوندي هئي، هن ڀيري ڪافي مهينن کان پوءِ ملي رهيو هو، جو اسان رهون شهر ۾ پر هو ڳوٺ ۾ ئي رهجي ويو.
ويجهو آيو ته پڇيو مانس؛ سانول خير ته آهي؟ ڇا ٿي ويو اٿئي؟
سانول شوڪارو ڀري چيو ته ادا شادي ڪئي اٿم!

No comments :

Post a Comment