Social Icons

Tuesday, November 5, 2013

Primary Education


لوڏن ۾ آيل بنيادي تعليم جي ٻيڙي
سنڌ جي بنيادي پرائمري تعليم کوڙ سالن پڄاڻان تباهيءَ ڪناري اچي پهتي آهي. جنهن ۾ اسان سڀني جو گڏيل ڏوهه آهي، ڇاڪاڻ جو جتي بنياد ئي کوکلو ٿيل هجي، اُتي گُهگهه اونداهي هر شئي کي فنا ڪري ڇڏيندي آهي، ڀوتار  پاڻ وڻائڻ لاءِ ٻن ٻن ايڪڙن تي اسڪول کولي، انهن ۾ مال جا واڙا قائم ڪري ڇڏيا آهن. جڏهن ته ان ساڳئي ڀوتار جا ٻار ڳرين فين وارن اسڪولن ۾ پڙهن ٿا پر جيڪا تباهي اسان جي ٿي رهي آهي، ان جو پورائو ڪيئن ڪجي؟ جتي اسڪول آهن، اُتي ٻار ناهن، جتي ٻار آهن، اُتي اسڪول ناهن، وري جتي ٻار ۽ اسڪول آهن ته، اُتي اُستاد ناهن. سنڌ جي تعليم واري ٻيڙي هن وقت لوڏن ۾ آهي. صوبائي وزيرِ تعليم کي التجا آهي ته، سنڌ جي تعليم جي بهتريءَ لاءِ هاڻي بيانن کان اڳتي وڌي عملي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

No comments :

Post a Comment