Social Icons

Sunday, November 17, 2013

'Pureit' Water purifier

 پاڪستان ۾ پاڻي صاف ڪرڻ جي نئين مشين متعارف ڪئي وئي آهي۔ ان مشين جي اها خاصيت آهي ته ان لاء بجلي، گيس يا اٻارڻ جي ضرورت نه پوندي۔ هي مشين هڪ منٽ ۾ ڪروڙين وائرس ختم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي ۽ ان سان پاڻي جي ذائقي يا بوء ۾ ۾ ڪابه تبديلي ڪانه ايندي پر ان جو ذائقو وڻندڙ ٿي ويندو۔

.....................ادا شادي ڪئي اٿم

Picture6 ليکڪ: جاويد بوزدار
                          پري کان نظر آيو عجيب حالت هيس، ڌڌڙ ۾ ڀڀوت لڳو پيو هو، وارن،مُنهن، مڇن، هٿن، پيرن، ڪنڌ ڪپڙن تي مٽي ئي مٽي هيس، رڳو اکيون ۽ ڏند نظر پئي آيس، جنهن مان لڳو ٿي ته هي به ڪو آدم جو اولاد آهي نه ته لڳي ها ته ڪو مٽي مان ٺهيل بت آهي جيڪو هلندو اچي. سندس چال مان لڳو پئي ته ٻيلي ڪو ڏٺل همراهه آهي نه ته سڃاڻپ کان چڙهيل هو.
ڪجهه ويجهو آيو ته يڪدم ياد اچي ويو ته هي ته سانول آهي، اهو سانول جيڪو جڏهن به ڏس ته صاف سٿرو، تيل ڦليل ڪيل، اڇو اجرو نظر ايندو هو. پورا پنا پر گهنڊيدار وار، وچان سينڌ نڪتل، وار پوئتي ورايل، جن مان سدائين ڏونگهي جي تيل جي خوشبو ايندي هئي. مڇون وٽيل، جاڙا ڀرون، خوبصورت وڏيون ڪاريون اکيون، انهن ۾ سرمو پاتل، اٿا خوبصورت ڏند، چپ ڳاڙها ڄڻ مساڳ لڳل هجي، اڇا ڪپڙا جيڪي، جهولو هجي مٽي جو طوفان هجي واچوڙو هجي، گرمي هجي يا سخت سيءُ پر سدائين صاف نظر ايندا هئس. هٿ ۾ رومال، پيرن ۾ چيڪاٽ ڪندڙ سنڌي سليپر، جيڪو کيس ڏسندو هو سانول ان جي دل ۾ مَنَهن اڏي ويهي رهندو هو. مرڪ سدائين سندس مُک تي هوندي هئي. سُجهندي ئي پنهنجو ڪم ڪار ختم ڪري پوءِ وتندو هو ڳوٺ ۾ تجلا ڪندو. ڪنهن سان کنئوس، ڪنهن سان ڀوڳ، ڪنهن سان چرچو، مون سان ۽ ڪجهه ويجهن دوستن سان هٿ کس به ڪندو هو، جو ڀاڪر ۾ ڀري ايڏو ته زور ڏيندو هو جو جسم مان ٺڪاءُ نڪري ويندا هئا. ڪڇهري جو به مور ، ڪڏهن ڪهڙي دڪان تي، ڪڏهن ڪنهن جي اوطاق تي، ته ڪڏهن ڪنهن جي ٻنيءَ ۾ بيٺو چرچا ڪندو هو. ماڻهو هن کي به چرچا هڻندا هئا ۽ چرچا به ڪچا پر مجال آهي جو چڙي. بس وندرلڳي پئي هوندي هئي، هن ڀيري ڪافي مهينن کان پوءِ ملي رهيو هو، جو اسان رهون شهر ۾ پر هو ڳوٺ ۾ ئي رهجي ويو.
ويجهو آيو ته پڇيو مانس؛ سانول خير ته آهي؟ ڇا ٿي ويو اٿئي؟
سانول شوڪارو ڀري چيو ته ادا شادي ڪئي اٿم!

عباسي خلافت

  بنو عباس گھراڻي جا ڪل ستٽيهه خليفا ٿي گذريا آهن، عباسي خلافت جو پايو وجھندڙ ۽ پهريون خليفو عبدالله بن عباس هو جيڪو سفاح جي نالي سان مشهور هو.هارون رشيد  پنجون نمبر عباسي خليفو هو سندس تفصيل جو ڪجهه حصو هيٺينءَ ريت آهي :
عباسي خلافت جو باني خليفو عبدالله بن عباس ال سفاح 750ع کان 754 تائين، المنصور 775 تائين، المهدي 785 تائين، الهادي 786ع تائين، هارون رشيد 786 کان 809ع تائين، امين الرشيد 813ع ۽ مامون رشيد 833ع تائين رهيا.

REALITIES حقائق

      سنسار ۾ هر ڪنهن انسان کي سک جي تلاش رهندي آهي. پر سچو سک ڪڏهن به ڪنهن کي به نه ملندو آهي، ڇاڪاڻ جو هر ڪنهن انسان جي سک جو دائرو به عمر انوسار بدلجندو رهندو آهي. ٻار جڏهن ننڍڙو هوندو آهي ته هن کي ماءُ جي گود ۾ سک ملندو آهي. ٿورو وڏڙو ٿيندو آهي ته رنگبرنگي رانديڪا ڏسي خوش ٿيندو آهي ۽ ماءُ جي گود مان به لهي رانديڪن سان وڌيڪ خوش رهندو آهي. ٿورو ٻار وڏو ٿيندو ته اسڪول ويندو ته پوءِ رانديڪن مان به مزو نه ايندس. لکڻ پڙهڻ، اسڪول جي ٻارن سان راند روند ڪرڻ ۾ وڌيڪ خوش رهندو آهي. اهڙيءَ طرح انسان ٻالپڻ کان ٻڍاپي تائين پيو سک جي تلاش ڪندو رهندو. انسان نه هميشه سکن جي سيج تي سمهيل رهندو ۽ نه دکن جي درياهه ۾ غوطا کائيندو. ڪا به حالت هميشه ساڳي نه رهندي، نه دک رهندو ۽ نه سک رهندو.“ سنساري سک ته کڻ ڀنگر آهن ٽاڪئين شيشي وانگر آهن. دک يا ڪشٽ جي ٿوري ئي ڇهاءُ سان پرزا پرزا ٿي ويندا. لمحي ۾ لکاپتي ڪکاپتي ٿي سگهن ٿا. دولت اچڻي وڃڻي، مٿس ڪهڙو بقاءُ، سچو سکي اهو آهي جو پنهنجي سائينءَ ۾ وشواس رکي ته جيڪي به مالڪ ڪري رهيو آهي ان ۾ منهنجي ڀلائي آهي. سنسار ۾ هر ڪنهن انسان کي پنهنجي نصيب انوسار ئي ملندو ڀلي ڪيترا به حيلا هلائي، ڪوشش ڪري پر نصيب کان سواءِ ۽ وقت کان اڳ ۾ ڪڇ ڀي نه ملندس. ڏک سک هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن ڪنهن شيءَ يا ڪنهن ڳالهه ۾ سک نظر ايندو آهي پر ڏک به ان ۾ سمايل هوندو آهي. گلاب جو گل ٽاريءَ مان پٽيندا  آهيون ته ڪنڊو به ضرور لڳندو پر اسان کي گل جي خوشبوءِ سنگهڻ سبب ڪنڊي جو درد ايترو نه ستائيندو آهي. انسان کي هن جنم ۾ اڳئين جنم جي ڪيل ڪرمن جو ڦل به ملي ٿو. ڀوڳنائون اچن ته سمجهجهي جيئن کنيل قرض ڪجهه لاهبو آهي ته آٿت ايندو آهي، تنهن ڪري گهڻو دکي نه ٿجي ۽ همٿ نه هارجي. مالڪ ۾ اٽوٽ وشواس رکجي. هميشه دعا ڪجي هي مالڪ مون کي شڪتي ڏي ته، تنهنجيءَ رضا تي راضي رهان. سکن ۾ توکي ياد ڪريان ۽ دک ۾ ڪريان شڪرانا.
جيڪي ٿئي پيو سو مالڪ جي مرضيءَ انوسار ٿئي ٿو. سائينءَ جي اڇا کان سواءِ وڻ جو هڪ پتو به نٿو چري سگهي ته انسان کي ڪهڙي طاقت آهي جو هن جي مرضيءَ جي آڏو اچي سگهي. ” هلائين ته هلان، بهارين ته بس، واڳ ڌڻي تنهنجي ويس.“
اسين جهڙيءَ حالت ۾ آهيون ۽ ۾ مالڪ ئي اسان کي رکيو آهي. انڪري پوري ريت سندس ئي ڀر وٺون نه ته اسان جي رهنمائي به هو پاڻ ڪندو. هلي دکن سهڻ ۽ ڀوڳڻ لاءِ همٿ به پاڻيهي ڏيندو. شانت ۽ بردبار ٿي رهڻ ۾ خدائي مدد ملي ٿي ”ڏيندو ته مٿان پر ڪنهن جي هٿان.“ ماڻهوءَ کي اهو عقيدو هئڻ گهرجي ڇا جي خوشي يا ڳڻتي. پاڻ کي ڪڏهن به اڪيلو نه سمجهڻ گهرجي. نه همٿ هارجي. رات جي پٺيان صبح ضرور ايندو. دکن پٺيان سک ضرور ايندا. ڪا به حالت هيمشه هڪ جهڙي نه رهندي نه ڪر شڪايت نه ڪر پڪار، سدائين شڪر ۾ گذار. ماندي ٿيءُ نه مارئي تنهنجو به الله آهي. سون ورهين جا دکڙا، تنهنجا لحظي منجهه لاهي.

MUST READ

هن وقت سڄو ملڪ هڪ پاسي آهي ۽ متحده ٻئي پاسي آهي، سڄي ملڪ جي عوام جو نڪ ۾ ساهه بند ڪري ڇڏيو آهي، هن کي اها خبر ئي نه هئي ته اهڙو ڏينهن به ايندو جيڪو هنن کان سندن ڪيل ظلم، نا انصافين جو حساب ڪتاب وٺندو. ناظم آباد، گلشن اقبال، فيڊريل بي ايريا، عزيز آباد ۽ ٻين علائقن ۾ جيڪي سنڌي ڳوٺ آباد آهن، جيڪي پاڪستان کان اڳ جا آهن انهن ۾ ته ڪا به ترقي ناهي پر انهن جي ڀر ۾ جيڪي انهن ڳوٺاڻن جي مدد سان هندستان مان آيلن آباد ڪيا اتي بنگلا  گهڻ ماڙ عمارتون آهن، اتي اسپتالون، اسڪول سيوريج جو نظام روڊ رستا آهن، جن وٽ ڪجهه ناهي اهي خاموش آهن ۽ جن وٽ سڀ ڪجهه آهي اهي راڙيون پيا ڪن ته اسان سان ظلم آهي، هنن ڀائرن کان ڪير پڇي ته اوهان جڏهن هندستان مان آيا هئا ته اوهان وٽ کائڻ لاءِ اٽو نه هو، پهرڻ لاءِ ڪپڙو نه هو، سر ڍڪڻ لاءِ ڇت نه هئي، اهو سڀ ڪجهه اوهان کي فراهم ڪندڙن سان اوهان جيڪو 64 سال ظلم ڪيو آهي انهن جي نفرت سان جيڪا اوهان جٺ ڪئي آهي، اهڙو مثال دنيا ۾ پاڪستان کان سواءِ صرف ٻن ٽن هنڌن تي ملي ٿو، اسرائيل، آمريڪا جتي پناهه گيرن ڌرتي ڌڻين لاءِ پنهنجي ڌرتي تنگ ڪئي وئي.

MUST READ.......

قصو هن ريت آهي ته، هڪ ايراني سنگ تراش پنهنجي محبوب جو سفيد سنگ مرمر مان مجسمو ٺاهيو. پر پوءِ هن کي احساس ٿيو ته محبوب منهنجي من جون ڳالهيون ٻڌندو آهي ۽ موٽ ۾ پاڻ مون سان سور اوريندو آهي. ٻاهن جا هار پائيندو آهي. پر هن ۾ ته اهڙي ڪا به ڳالهه نه آهي. ان ڪري ان جو نالو ئي رکيائين صنم يعنيٰ ته انسان جي سڀني احساسن کان قاصر. پوءِ ته اهو بت ڏاڍو مشهور ٿيو ديس ديس ان جو قصو پهتو، ايران جي شاعرن بيوفا محبوب کي ان سان تشبيهه ڏني ۽ پوءِ سنڌ هند ۾ به شاعرن ان کي ان حوالي سان ياد پئي ڪيو آهي.
پر هن وقت ماڻهن کي الائي ڇا ٿي ويو آهي جو پنهنجي وفادار محبوب کي به صنم پيا چون. پنهنجي ٻارن جا نالا به صنم پيا رکن.

هاڻي سنڌ مان عربي ۽ فارسيءَ جو زور ختم ٿي ويو آهي ان ڪري ماڻهو اهڙيون غلطيون ٿا ڪن. ورنه ائين ڪو نه ٿئي ها. اسان وٽ سنڌ ۾ اڪثر ماڻهو عربن جا نالا رکندا آهن. جن جي معنيٰ جي خبر ئي ڪو نه هوندي اٿن. پوءِ جڏهن خبر پوندي اٿن ته، کلي کلي کيرا ٿيندا آهن. مثال طور نالو آهي، همزهه جنهن جي معنيٰ آهي وڏي ازدهه بلا، يا وري نالو آهي، ابو هريرهه معنيٰ اٿس ٻلين جو پيءُ، سو سائين هي سڀ بيخيريءَ جو ڳالهيون آهن