Wednesday, November 13, 2013
ڪراچي ضلعي ڪائونسل ختم، ٻهراڙيءَ جون سموريون يو سيز ڪي ايم سيءَ جون حدون قرار
سنڌ حڪومت ڪراچي جي ٻهراڙين کي ترقي وٺرائڻ لاءِ قائم ڪيل ڪراچي ضلعي ڪائونسل ختم ڪري ڪراچيءَ جي سڀ کان وڌيڪ مالي طورشاهوڪار يوسي درساڻو ڇنو، گابو پٽ ۽ گڏاپ سميت 25 يوسيز کي ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جي حدن ۾ ڏئي ڇڏيو آهي. جيڪا جنرل مشرف جي دور ۾ پڻ ختم ڪئي وئي هئي. سنڌ حڪومت پاران تجويز ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪراچيءَ جي ٻهراڙيءَ تي مشتمل ضلعي ڪائونسل ڪراچيءَ جون 24 يونين ڪائونسلون ڪي ايم سي ۾ ضم ڪري ضلعي ڪائونسل ڪراچيءَ کي ختم ڪيو ويو آهي، ڪي ايم سي جي حدن ۾ ڏنل يونين ڪائونسلن کي هاڻي يونين ڪميٽي جو درجو ڏنو ويو آهي، سنڌ حڪومت پاران تيار ڪيل نوٽيفڪيشن موجب هاڻي ڪراچيءَ جي سڄي ڊويزن جون مڪاني حدون ڪي ايم سي جي ماتحت هونديون، ٻهراڙيءَ جي 25 يوسيز مان 22 يونين ڪميٽيون ملير ضلعي جي ڊسٽرڪٽ ميونسپل ڪارپوريشن، هڪ ڪراچي ڏکڻ جي ڊي ايم سي ، هڪ ڪراچي اولهه ۽ هڪ ڪراچي اوڀر جي ڊي ايم سيءَ جي ماتحت ڪئي وئي آهي. ڪراچي شهر جي نئين حد بنديءَ کانپوءِ ڪراچيءَ مان مڪاني حڪومتن جي حوالي سان ٻهراڙيءَ وارو تصور ختم ڪيو ويو آهي، واضح رهي ته جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ لاڳو ڪيل مڪاني نظام مطابق ڪراچي ڊويزن کي هڪ ضلعو قرار ڏئي ان کي ڪراچي شهري حڪومت قرار ڏنو ويو هو، هوڏانهن مڪاني چونڊن تي گهري نظر رکندڙ هڪ سينيئر اڳواڻ عوامي آواز کي ٻڌايو ته ضلعي ڪائونسل جي يوسي ۽ ڪي ايم سي جي يوسيءَ ۾ آباديءَ جي حساب سان نمائندگيءَ جو تمام وڏو فرق آهي، ٻهراڙيءَ واري يوسي 10 هزار ۽ شهر واري يوسي 40 هزار آباديءَ تي مشتمل هوندي، ان جي نمائندگي هڪ مسئلو بڻجي ويندي. ٻئي پاسي نوٽيفڪيشن موجب ڪراچي شهر هڪ ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن، 6 ڊسٽرڪٽ ميونسپل ڪارپوريشم تي مشتمل هوندو
How To Get Rid of Dark Armpits
Orange peel: Orange peel is one of the best way to get rid of dark armpits.Take an orange peel and keep it under the sunlight for few days and grind those dried peel.Take milk and rosewater and add this powder to it.Apply this mixture on underarms and leave it for 10-15 min.This will help you to get rid of dark underarms.
Labels:
Medicare
Tuesday, November 12, 2013
زندگي ۾ خوش رهڻ لاءِ سس سان لاڳاپا بهتر بڻايو: نئين تحقيق
عورتون هن ڳالهه کي تسليم ڪن يا نه ڪن پر سائنس هن ڳالهه کي ضرور مڃي ورتو آهي ته پنهنجي سس سان گڏ وقت گذارڻ شادي شده زندگي کي وڌيڪ خوشگوار بڻائي سگهي ٿو. آسٽريليا ۾ ڪيل هڪ نئين تحقق ۾ هي ڳالهه سامهون آئي آهي ته پنهنجي سس سان گهڻو گڏ رهڻ يا ملڻ جلڻ سان محبتون وڌن ٿيون ۽ گهريلو زندگي خوشگوار ٿئي ٿي، تنهن ڪري سس کان پري رهڻ بدران سندس ويجهو رهڻ ۾ ئي ننهن کي خوشي ملندي.
Labels:
Interesting News
Subscribe to:
Posts
(
Atom
)
D