Tuesday, November 5, 2013
Primary Education
لوڏن ۾ آيل بنيادي تعليم جي ٻيڙي
سنڌ جي بنيادي پرائمري تعليم کوڙ سالن پڄاڻان تباهيءَ ڪناري اچي پهتي آهي. جنهن ۾ اسان سڀني جو گڏيل ڏوهه آهي، ڇاڪاڻ جو جتي بنياد ئي کوکلو ٿيل هجي، اُتي گُهگهه اونداهي هر شئي کي فنا ڪري ڇڏيندي آهي، ڀوتار پاڻ وڻائڻ لاءِ ٻن ٻن ايڪڙن تي اسڪول کولي، انهن ۾ مال جا واڙا قائم ڪري ڇڏيا آهن. جڏهن ته ان ساڳئي ڀوتار جا ٻار ڳرين فين وارن اسڪولن ۾ پڙهن ٿا پر جيڪا تباهي اسان جي ٿي رهي آهي، ان جو پورائو ڪيئن ڪجي؟ جتي اسڪول آهن، اُتي ٻار ناهن، جتي ٻار آهن، اُتي اسڪول ناهن، وري جتي ٻار ۽ اسڪول آهن ته، اُتي اُستاد ناهن. سنڌ جي تعليم واري ٻيڙي هن وقت لوڏن ۾ آهي. صوبائي وزيرِ تعليم کي التجا آهي ته، سنڌ جي تعليم جي بهتريءَ لاءِ هاڻي بيانن کان اڳتي وڌي عملي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
Monday, November 4, 2013
New Islamic year will be starts from Wednesday
First Moharram will be on wednesday 6th Nov: 2013 and Aashura will be on 15th Nov: 2013
A home where twins were born.
هڪ ئي گهر ۾ 24 ڪلاڪن دوران 2 ٻارن جي جنم
سميت 5 پاليل جانورن به ڦر ڏنا
حيدرآباد (رپورٽ: سکر لاشاري) حيدرآباد جي ايئرپورٽ واري علائقي ۾ رهندڙ شبير احمد ملڪ تي قدرت مهربان، 24 ڪلاڪن ۾ ٻارن ۽ جانورن جي جنم ٿيڻ ڪري ماڻهو حيران، ان سلسلي ۾ گڏ ڪيل ڄاڻ موجب حيدرآباد ايئرپورٽ واري علائقي ۾ موجود لال ڪوارٽر ۾ ناليواري نعت خوان ۽ ائيرپورٽ ملازم شبير احمد ملڪ جي گهر ۾ 2 مهينا اڳ اهڙو ڪرشمو ٿيو، ورتل ڄاڻ موجب سڀ کان اڳ ٻن ٻڪرين ڦر ڏنا، جنهن جي هڪ ڪلاڪ کانپوءِ گڏهه کودڙي کي جنم ڏنو، ان جي 4 کان 5 ڪلاڪن بعد مينهن جو ويم ٿيو ۽ ڪتي 9 گلر ڏنا ۽ انهي رات جو شبير احمد ملڪ جي ٻن ننهن ٻن پٽڙن کي جنم ڏنو، اهڙي طرح 24 ڪلاڪن اندر انساني زندگين ۽ جانورن جي جنم ٿيڻ ماڻهن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو ۽ ڄاڻايل ڄاڻ ملڻ تي شبير احمد جا پاڙي وارا ۽ حيدرآباد جي مختلف علائقن مان سندس دوست پهتا، جن کيس مبارڪ ڏني ۽ حيران ڪندڙ واقعي جا تفصيل ورتا، شبير احمد وٽ سندس دوستن جي اچڻ جو سلسلو اڃا تائين جاري آهي، ڪالهه جي يو آءِ اڳواڻ اعظم جهانگيري پهچي خوشي مان مٺائي کاڌي، ان سلسلي ۾ شبير احمد ڪاوش سان ڳالهائيندي چيو ته 24 ڪلاڪن اندر انساني زندگين ۽ جانورن جي جنم ٿيڻ جو اندازو ئي ڪو نه هو، قدرت واري جي مرضي هئي، جنهن اسان کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي، شبير احمد ملڪ اهو به ٻڌايو ته انهي 24 ڪلاڪن ۾ آنن تي ويٺل سندس ڪڪڙ جا چوزا به پيدا ٿيا هئا.
Subscribe to:
Posts
(
Atom
)