Social Icons

Wednesday, October 30, 2013

An Indian

Apeal to Education Minister



روشني جي مدد سان 10 جي بي في سيڪنڊ جي رفتار سان ڊيٽا منتقل ڪرڻ جو ڪامياب تجربو


لنڊن (اي پي پي) برطانوي سائنسدانن دعويٰ ڪئي آهي ته انهن روشني جي مدد سان 10 گيگا بائٽ في سيڪنڊ جي رفتار سان ڊيٽا منتقل ڪرڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي، برطانوي ميڊيا مطابق انٽرنيٽ تي تارن کانسواءِ معلومات منتقل ڪندڙ ان ٽيڪنالوجي کي (لاءِ فاءِ) جو نالو ڏنو ويو آهي، سائنسدانن مائيڪرو ايل اي ڊي بلب جي مدد سان روشني جي هر بنيادي رنگ، ڳاڙهي، اڇي ۽ سائي ذريعي 3.5 گيگا بائيٽ في سيڪنڊ جي رفتار سان ڊيٽا مڪمل ڪئي، جنهن جو مطلب آهي ته روشني جي هڪ  شعاع سان 10 جي بي في سيڪنڊ تائين ڊيٽا منتقل ڪري سگهجي ٿي، لاءِ فاءِ هڪ سستي ٽيڪنالوجي آهي جنهن جي مخصوص ايل اي ڊي بلبن ذريعي انتهائي گهٽ خرچ تي تيز رفتار انٽرنيٽ فراهم ڪري سگهجي ٿي.

Cartoon


لطيف يونيورسٽي ۾ داخلا جي انٽري ٽيسٽ جو شيڊول پڌرو

شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ڊائريڪٽر ايڊميشن سيد مهدي شاهه راشديءَ جي پڌرائي مطابق تعليمي سال 2014ع لاءِ يونيورسٽي جي صبح ۽ شام وارين سڀني فيڪلٽيز جي تدريسي شعبن ۾ بي ايس چار سالا پروگرام ۽ ماسٽرس ٻه سالا پروگرام لاءِ داخلائن بابت انٽري ٽيسٽ منعقد ڪرڻ جو شيڊول پڌرو ڪيو ويو آهي. جنهن موجب بي ايس پروگرام لاءِ 20 نومبر 2013ع جڏهن ته ماسٽرس پروگرام لاءِ انٽري ٽيسٽ 21 نومبر 2013ع تي يونيورسٽي ۾ صبح جو 11 وڳي ورتي ويندي. ان سلسلي ۾ يونيورسٽي جي ترجمان موجب سڀاڻي هڪ اعليٰ سطحي گڏجاڻي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر پروين شاهه جي صدارت هيٺ ٿيندي، جنهن ۾ داخلا ڪميٽي جا ميمبر ۽ ڪنوينر ڊائريڪٽر شڪارپور ڪيمپس پروفيسر ڊاڪٽر لطف الله منگي ۽ ٻيا شرڪت ڪندا، جنهن ۾ انٽري ٽيسٽ جي انتظامن ۽ سيڪيورٽي بابت غور ويچار ڪيو ويندو.