Social Icons

Monday, November 11, 2013

ليپ ٽاپ ۽ موبائل فون هاڻي پاڪستان ۾ ٺهندا





laptop                         پاڪستان ۾ ليپ ٽاپ ڪمپيوٽرن جي لاڳيتي وڌندڙ گهرج ۽ هرمند نوجوانن کي روزگار فراهم ڪرڻ لاءِ بين الاقوامي سرمائيڪارن جي مدد سان ليپ ٽاپ کي پاڪستان ۾ ٺاهڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. پاڪستان ۾ گذريل ڪجهه سالن ۾ ليپ ٽاپ ڪمپيوٽرن جي گهرج ۾ غير معمولي اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي. جنهن جو سبب پنجاب صوبي ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن کي حڪومت پاران مفت ليپ ٽاپ ڏيڻ پڻ آهي. يارنهن مئي وارين چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ وزير اعظم نواز شريف ليپ ٽاپ ڪمپيوٽر ورهائڻ واري هن منصوبي کي ٻين صوبن تائين وڌائڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ وفاق جي انتظام هيٺ تعليمي ادارن جي شاگردن کي ڪمپيوٽر ڏيڻ جي ذميواري اعليٰ تعليم جي انتظامي اداري هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) کي سونپي وئي آهي. هن منصوبي تي عمل ڪرائڻ لاءِ مختلف ادارا مضبوط رٿابندي تي غور ڪري رهيا آهن. ايڇ اي سي جي ترجمان محمد مرتضيٰ نور وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي چيو ته ان حوالي سان تازو ئي اسان جي اداري جو ۽ سرمائيڪاري بورڊ جي سربراهن جو اجلاس ٿيو آهي. هن چيو اسان جي اداري جي چيئرمين جاويد لغاري جي ڪوشش آهي ته جڏهن ان سلسلي ۾ ايڏي وڏي سيڙپڪاري ڪئي وڃي ٿي ته پوءِ ڇو نه پنهنجي ئي ملڪ ۾ اهڙو پلانٽ لڳايو وڃي جنهن ۾ ليپ ٽاپ ڪمپيوٽر تيار ۽ اسيمبل ڪيا وڃن، ترجمان هن پلانٽ جا فائدا ٻڌائيندي چيو ته مقامي سطح تي تيار ٿيندڙ ليپ ٽاپ نه رڳو سستا هوندا پر پلانٽ لڳڻ سان روزگار جا موقعا به وڌندا. هن پلانٽ جي لاءِ 50 سيڪڙو ماڻهو ٽيڪنيڪي تربيت متعلق وزيراعظم پروگرام مان فائدو وٺندڙ شامل ڪيا ويندا. مرتضيٰ نور ٻڌايو ته تازي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته سرمائيڪاري بورڊ ليپ ٽاپ اسيمبلي پلانٽ لڳائڻ لاءِ جلد ئي بين الاقوامي سرمائيڪارن جي ڪانفرنس منعقد ڪندو. هي پلانٽ ليپ ٽاپ سان گڏ پيا مواصلاتي پرزا ۽ موبائل فون به ٺاهيندو.

No comments :

Post a Comment