Social Icons

Sunday, November 10, 2013

ڪنڌڪوٽ ۾ جرڳو، نوجوان جو خون ايس ايڇ او تي ثابت: 27 لک رپيا ڏنڊ



ڪنڌڪوٽ:  نوجوان کي ماريندڙ ايس ايڇ او گل محمد مهر
ڪنڌڪوٽ: نوجوان کي ماريندڙ ايس ايڇ او گل محمد مهر
 ڪنڌڪوٽ ۾ چار مهينا اڳ پوليس جي تشدد ۾ مارجي ويل ڳوٺاڻي غلام سرور باجڪاڻي جي خون جو جرڳو، ايس ايڇ او گل محمد مهر ڏوهي ثابت، مٿس 27 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو. باقي پوليس اهلڪارن سان ٺاهه نه ٿيو. نوجوان جو ڪيس ايس ايڇ او سميت 7 اهلڪارن تي پڻ داخل ٿيل آهي. 3 لک رپيا معاف ڪيا ويا، هڪ لک موقعي تي ادا ڪيو ويو. تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ اي سيڪشن پوليس ڪچي جي ڳوٺ قمبر باجڪاڻي جي رهواسي نوجوان غلام سرور باجڪاڻِي کي مبينا ڦورو هجڻ تي گرفتار ڪري سخت تشدد ڪيو، جيڪو تشدد سبب فوت ٿي ويو، جنهن جي خون جو جرڳو ڪالهه ڳوٺ قمبر باجڪاڻي ۾ پير آف ڀرچونڊي ميان عبدالخالق، چيف مقدم شير احمد خان باجڪاڻي ۽ سعيد احمد خان جي سرپئنچي هيٺ ٿيو، ٻنهي ڌرين جي ماڻهن شرڪت ڪئي، ڳالهيون ٻڌڻ کان پوءِ چيف مقدم شير احمد خان باجڪاڻي فيصلي جي فتويٰ پڙهي ٻڌائي، جنهن ۾ نوجوان جي خون جو عيوضو 6 لک رپيا، 15 لک پوليس جي زيادتي، بي رحماڻو تشدد ڪرڻ جا 5 لک رپيا خرچ جا ۽ هڪ لک رپيا جيڪي اي سيڪشن پوليس ڪجهه وقت هڪ ڳوٺاڻي کي گرفتار ڪري رشوت وٺي ڇڏي ڏنو، اهي به ورتا ويا. مجموعي طور  27 لک رپيا ڏنڊ رکيو ويو، جنهن ۾ 3 لک رپيا معاف ڪيا ويا ۽ هڪ لک رپيا موقعي تي ادا ڪيا ويا، باقي رقم ٽن مهينن ۾ ادا ڪئي ويندي. تشدد ۾ فوت ٿيل نوجوان جو ڪيس ايس ايڇ او گل محمد مهر سميت 7 اهلڪارن تي پڻ داخل ٿيل آهي، جڏهن ته هي ٺاهه صرف ايس ايڇ او سان ڪيو ويو. باقي اهلڪارن سان نه ٿيو آهي. ان موقعي تي عبدالخالق مهر، انور مهر، مير اعجاز احمد باجڪاڻي سميت ٻيا به موجود هئا.

No comments :

Post a Comment