Social Icons

Monday, November 4, 2013

“Mathematics is the queen of all the sciences”


ٻارن کي حسابن ۾ ماهر بڻائڻ لاءِ توجهه ڏيڻ گهرجي
ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ڏاهي يا دانشور جو چيل هڪ عام فهم گفتو يا جملو دماغ جا ست طبق روشن ڪرڻ سان گڏوگڏ ماضيءَ ۾ علم سان رَوا رکيل غير ذميواريءَ واري رويي تي افسوس ڪرڻ لاءِ پڻ اُتساهيندو آهي. اهڙو ئي هڪ جملو ٻارن جي ڪتاب Elements of Statistics ۾ پڻ نظر آيو، جنهن ياد ڏياريو ته، 70 واري ڏهاڪي جا اسڪول ماستر به ساڳئي نموني حسابن جو مضمون پڙهائڻ مهل اها ئي ڳالهه چوندا هئا پر تڏهن شايد مئٿيميٽڪس کي ئي سڀ کان وڏو ڏکيو مضمون سمجهڻ سبب اهڙي نصيحت تي توجهه نه ڏئي سگهاسين، بهرحال اڄ جي شاگردن کي رياضيءَ جي مضمون ۾ دل لڳائڻ لاءِ ان ڳالهه کي دل سان تسليم ڪرڻ گهرجي ته، “Mathematics is the queen of all the sciences” يعني ”رياضي سمورين سائنسن جي راڻي آهي.“ مئٿيميٽڪس جي مضمون کان پري رهندڙ يا دلچسپي نه رکندڙ شاگردن کي ياد رکڻ گهرجي ته، اهي جيڪڏهن ان مضمون کان پاڻ بچائڻ جي رَوش تَرڪ نه ڪندا، ته سندن سائنسي کوجنا، واپار ۽ ٻين اهم مضمونن ۾ مهارت ٻُڙيءَ برابر رهندي ۽ نتيجي ۾ اڳتي هلي هو حڪمرانيءَ جي منصب لاءِ اهليت وڃائي ڇڏيندا، حڪمرانيءَ مان مراد صدر يا وزير اعظم ٿيڻ نه آهي، ڇو ته اهم منصب ته جمهوري نظام اندر وڌ ۾ وڌ ووٽ حاصل ڪري ڪو اڻپڙهيو به حاصل ڪري ٿو، جيڪو ٻين جي لکيل تقرير پڙهي وقت کي منهن ڏئي سگهي ٿو، هتي حڪمرانيءَ جو مقصد اقتصاديات جي ميدان ۾ حُڪمراني، سائنسي کوجنا جي ميدان ۾ حڪمراني يعني سموري دنيا جي دل ۽ دماغ تي حڪمراني هلائڻ لاءِ گهربل صلاحيت حاصل ڪرڻ لاءِ مئٿيميٽڪس جي مضمون ۾ مهارت حاصل ڪرڻ آهي. آئون سنڌ جي اُستادن، شاگردن، والدين ۽ علم دوست حلقن کي گذارش ڪريان ٿو ته، ٻارن کي حسابن ۾ ماهر بڻائڻ لاءِ توجهه ڏيڻ گهرجي، جيئن اڳتي هلي سنڌ جا ماڻهو هوائي ۽ سامونڊي رستن سميت خشڪيءَ جي ذريعن سان ٿيندڙ واپار جا به مالڪ بڻجن ۽ دنيا ۾ ٿيندڙ سائنسي کوجنا ۽ ايجادن ۾ پڻ پنهنجو پاڻ مڃائي مقام حاصل ڪري سگهن.

No comments :

Post a Comment