Social Icons

Monday, December 16, 2013

پڙهجي ڪيئن؟


How to Readهن وقت سڄي دنيا ۾ پاڻ مرادو پڙهڻ تي خاص دلچسپي ڏسڻ ۾ ٿي اچي ان جو سبب هي آهي ته موجوده سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي دور ۾ سکڻ ۽ سيکارڻ جو عمل به جديد ٿي ويو آهي هاڻي ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي وسيلي گهر ويٺي ئي پڙهي سگهجي ٿو ۽ سڄي دنيا ۾ هن وقت ڪروڙين ماڻهون گهر ويٺي پڙهي رهيا آهن ۽ پنهنجي علم ۽ تعليمي قابليت کي وڌائي رهيا آهن ڇو ته سکڻ جو عمل انسان جي اندر قدرتي طور تي موجود هوندو آهي اهو ضروري ڪو نه آهي ته ڪو خاص استاد توهان جي سامهون هجي هو اوهان کي سيکاري پو ءِ ئي توهان کي ڳالهه سمجهه ۾ ايندي پر فطري طور تي انسان پنهنجي اڳيان جيڪو ڪجهه ڏسي پيو ان کي آسانيءَ سان سمجهي ٿو سگهي اهڙي ئي طرح پڙهن لکڻ به انسان ائين ئي سکي سگهي ٿو هاڻي اچو ته اسان پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي تاريخ تي نظر وجهون شروعاتي دور ۾ تاريخ جي مطابق پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي شروعات حضرت آدم عليه سلام جي پوهٽي حضرت ادريس عليه سلام ڪئي. تڏهن سندس نالو ادريس معني درس مان پيو ۽ دنيا ۾ سڀ کان پهرين درس ۽ تدريس جي شروعات ٿي سڀ کان پهريان ادارا قائم ڪيا ويا ۽ مدرسا سسٽم شروع ٿيو جتي استاد شاگردن کي پڙهائيندا هئا پر بعد ۾ ان نظام ۾ نئين جدت تڏهن آهي جڏهن آڪسفورڊ يونيورسٽي قائم ٿئي ان جو مقصد به اهو هو ته سڀني شعبن جا عالم ۽ علم هڪ جاءِ تي گڏ ڪجن جيئن علم پرائڻ ۾ آساني ٿئي ڇو جو دنيا ۾ ڪنهن به ايجاد جي پٺيان ڪا سائنس جي هڪ شاخ ڪم ڪو نه ڪندي آهي پر مختلف سائنسي شاخون ملي ڪري ڪا نئين ايجاد ڪنديون آهن مثال جي طور تي اسان اگر ڪمپيوٽر کي ئي وٺئون ته ان ۾ سائنس جي ڪيترن ئي شاخن ملي ڪري ان کي ايجاد ڪيو آهي ان ۾ اليڪٽريڪل سائنس سافٽ ويئر انجينيرنگ پهرين نمبر تي آهن  ان سڄي بحث ڪرڻ جو حاصل مطلب اهو آهي ته هن وقت انٽرنيٽ به هڪ يونيورسٽي ٿي وئي آهي اڳي وڏي مشڪل سان يونيورسٽيون قائم ٿينديون هيون انهن ۾ مواد ڪٺو ڪيو ويندو هو ۽ سڀني شعبن جا عالم مقرر ڪيا ويندا هئا پر هاڻي سڄي دنيا جا علم لائبريريون آڊيو ويڊيو ڪلاسز ۽ سڄي دنيا جي مڪمل ڄاڻ انٽرنيٽ وسيلي اسان وٽ موجود آهي ۽ اها اسان جي موجوده نسل جي خوشقسمتي آهي اچو ته هاڻي ان ڳالهه تي بحث ٿا ڪريون ته ڪهڙي طريقي سان انٽرنيٽ وسيلي پڙهي سگهجي ٿو .
گوگل: گوگل سرچ هن وقت سرچ جي حساب سان دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ ويب سائيٽ آهي هن ۾ هر قسم جي معلومات کي آرام سان سرچ ڪري سگهجي ٿو هاڻي گوگل ۾ پهريان کان به وڌيڪ نواڻ اچي چڪي آهي موجوده وقت ۾ گوگل کي ڪجهه هن طرح ڊيزائن ڪيو ويو آهي ته جنهن به موضوع جي اسان کي معومات کپي ان کي سڀ کان وڌيڪ سرچ ڪرڻ واري معلومات اسان وٽ اچي ويندي مثال جي طور تي مان گوگل ۾ پنهنجي شهر سکر جو نالو لکيو ته سڀ کان پهريان سکر بيراج ۽ سکر آبي اي لکجي آيو ان جو مطلب اهو ٿيو ته سڄي دنيا ۾ سکر جي باري ۾ سڀ کان وڌيڪ معلومات انٽرنيٽ تي انهن جي باري ۾ ورتي وئي آهي ۽ ان ٽاپڪ کي سرچ ڪيو ويو آهي ان سرچ جو اهو فائدو ٿيندو آهي ته دنيا جون وڌيڪ ڪم واريون سرچز ۽ معلومات اسان وٽ هڪدم پهڇي ويندي آهي
هن وقت گوگل دنيا جي سڀ کان وڏي سرچ ويب سائيٽ آهي جنهن ۾ نه صرف ويب سرچز آهن پر اميجز ٽرانسليٽ جيميل ۽ ڪتابن تي مشتمل آهي ان جي وڏي افاديت کي ڏسي دنيا جا ماڻهون ان کي پروفيسر گوگل چوندا آهن ان کان علاوه هن وقت آن لائن لائبريري جي موضوع تي اسان وٽ هزارين ويب سائيٽس آهن جنهن ۾ سڄي دنيا جا ڪتاب موجود آهن اسان گهر ويٺي سڄي دنيا جي ڪتابن جو مطالعو تمام آساني سان ڪري سگهون ٿا ان کان علاوه ويڊيو ايجوڪيشنل ٽيوبس جي به ڀرمار آهي جنهن ۾ مختلف سبجيڪٽس جي ماهر پروفيسرز جا ويڊيو ليڪچر پڻ شامل آهن ان کان علاوه هر ٽاپڪ تي ويڊيو ڊاڪيومينٽريز پڻ موجود آهن نه صرف ايترو پر اسان جي پنهنجن مشرقي ٻولين سنڌي اردو ادب شاعري ۽ هر قسم جو مواد پڻ موجود آهي ان کان علاوه سڄي دنيا جا رسالا اخبارون علمي ادبي ۽ سماجي فورم پڻ انٽرنيٽ تي وڏي مقدار ۾ موجود آهن ۽ هاڻي روايتي تعليمي نظام کان هٽي ڪري سڄي دنيا ۾ آن لائن ايجوڪيشن ورتي پئي وڃي ۽ اسان دنيا جي هڪ ڪنڊ ۾ ويهي ٻئي ڪنڊ مان تعليم پرائي سگهون ٿا سڄي دنيا ۾ هزارين اهڙا ادارا کلي چڪا آهن جنهن جو مقصد ئي آن لائن ايجوڪيشن ڏيڻ آهي ۽ اهي ادارا روايتي تعليمي ادارن کان هر گز گهٽ ڪو نه آهن ۽ انهن جا شاگرد سڄي دنيا ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري رهيا آهن ان ڳالهه مان اسان کي خبر پوي ٿي ته موجوده دور ۾ اسان گهر ويٺي پڙهي سگهون ٿا ۽ اگر اسان ڪنهن به روايتي تعليمي اداري ۾ پڙهي رهيا آهيون ته اسان انٽرنيٽ جي وسيلي پنهنجي تعليم ۽ سکڻ جي عمل کي بهتر بڻائي سگهون ٿا.

1 comment :

  1. This is certainly a awesome article. Thanks a ton for bothering to summarize all this out for folks. It really is a great help!
    Sindhi News
    https://onlineindus.com/Sindhi

    ReplyDelete