سنسار ۾ هر ڪنهن انسان کي سک جي تلاش رهندي آهي. پر سچو سک ڪڏهن به ڪنهن کي به نه ملندو آهي، ڇاڪاڻ جو هر ڪنهن انسان جي سک جو دائرو به عمر انوسار بدلجندو رهندو آهي. ٻار جڏهن ننڍڙو هوندو آهي ته هن کي ماءُ جي گود ۾ سک ملندو آهي. ٿورو وڏڙو ٿيندو آهي ته رنگبرنگي رانديڪا ڏسي خوش ٿيندو آهي ۽ ماءُ جي گود مان به لهي رانديڪن سان وڌيڪ خوش رهندو آهي. ٿورو ٻار وڏو ٿيندو ته اسڪول ويندو ته پوءِ رانديڪن مان به مزو نه ايندس. لکڻ پڙهڻ، اسڪول جي ٻارن سان راند روند ڪرڻ ۾ وڌيڪ خوش رهندو آهي. اهڙيءَ طرح انسان ٻالپڻ کان ٻڍاپي تائين پيو سک جي تلاش ڪندو رهندو. انسان نه هميشه سکن جي سيج تي سمهيل رهندو ۽ نه دکن جي درياهه ۾ غوطا کائيندو. ڪا به حالت هميشه ساڳي نه رهندي، نه دک رهندو ۽ نه سک رهندو.“ سنساري سک ته کڻ ڀنگر آهن ٽاڪئين شيشي وانگر آهن. دک يا ڪشٽ جي ٿوري ئي ڇهاءُ سان پرزا پرزا ٿي ويندا. لمحي ۾ لکاپتي ڪکاپتي ٿي سگهن ٿا. دولت اچڻي وڃڻي، مٿس ڪهڙو بقاءُ، سچو سکي اهو آهي جو پنهنجي سائينءَ ۾ وشواس رکي ته جيڪي به مالڪ ڪري رهيو آهي ان ۾ منهنجي ڀلائي آهي. سنسار ۾ هر ڪنهن انسان کي پنهنجي نصيب انوسار ئي ملندو ڀلي ڪيترا به حيلا هلائي، ڪوشش ڪري پر نصيب کان سواءِ ۽ وقت کان اڳ ۾ ڪڇ ڀي نه ملندس. ڏک سک هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن ڪنهن شيءَ يا ڪنهن ڳالهه ۾ سک نظر ايندو آهي پر ڏک به ان ۾ سمايل هوندو آهي. گلاب جو گل ٽاريءَ مان پٽيندا آهيون ته ڪنڊو به ضرور لڳندو پر اسان کي گل جي خوشبوءِ سنگهڻ سبب ڪنڊي جو درد ايترو نه ستائيندو آهي. انسان کي هن جنم ۾ اڳئين جنم جي ڪيل ڪرمن جو ڦل به ملي ٿو. ڀوڳنائون اچن ته سمجهجهي جيئن کنيل قرض ڪجهه لاهبو آهي ته آٿت ايندو آهي، تنهن ڪري گهڻو دکي نه ٿجي ۽ همٿ نه هارجي. مالڪ ۾ اٽوٽ وشواس رکجي. هميشه دعا ڪجي هي مالڪ مون کي شڪتي ڏي ته، تنهنجيءَ رضا تي راضي رهان. سکن ۾ توکي ياد ڪريان ۽ دک ۾ ڪريان شڪرانا.
جيڪي ٿئي پيو سو مالڪ جي مرضيءَ انوسار ٿئي ٿو. سائينءَ جي اڇا کان سواءِ وڻ جو هڪ پتو به نٿو چري سگهي ته انسان کي ڪهڙي طاقت آهي جو هن جي مرضيءَ جي آڏو اچي سگهي. ” هلائين ته هلان، بهارين ته بس، واڳ ڌڻي تنهنجي ويس.“
اسين جهڙيءَ حالت ۾ آهيون ۽ ۾ مالڪ ئي اسان کي رکيو آهي. انڪري پوري ريت سندس ئي ڀر وٺون نه ته اسان جي رهنمائي به هو پاڻ ڪندو. هلي دکن سهڻ ۽ ڀوڳڻ لاءِ همٿ به پاڻيهي ڏيندو. شانت ۽ بردبار ٿي رهڻ ۾ خدائي مدد ملي ٿي ”ڏيندو ته مٿان پر ڪنهن جي هٿان.“ ماڻهوءَ کي اهو عقيدو هئڻ گهرجي ڇا جي خوشي يا ڳڻتي. پاڻ کي ڪڏهن به اڪيلو نه سمجهڻ گهرجي. نه همٿ هارجي. رات جي پٺيان صبح ضرور ايندو. دکن پٺيان سک ضرور ايندا. ڪا به حالت هيمشه هڪ جهڙي نه رهندي نه ڪر شڪايت نه ڪر پڪار، سدائين شڪر ۾ گذار. ماندي ٿيءُ نه مارئي تنهنجو به الله آهي. سون ورهين جا دکڙا، تنهنجا لحظي منجهه لاهي.