هن وقت سڄو ملڪ هڪ پاسي آهي ۽ متحده ٻئي پاسي آهي، سڄي ملڪ جي عوام جو نڪ ۾ ساهه بند ڪري ڇڏيو آهي، هن کي اها خبر ئي نه هئي ته اهڙو ڏينهن به ايندو جيڪو هنن کان سندن ڪيل ظلم، نا انصافين جو حساب ڪتاب وٺندو. ناظم آباد، گلشن اقبال، فيڊريل بي ايريا، عزيز آباد ۽ ٻين علائقن ۾ جيڪي سنڌي ڳوٺ آباد آهن، جيڪي پاڪستان کان اڳ جا آهن انهن ۾ ته ڪا به ترقي ناهي پر انهن جي ڀر ۾ جيڪي انهن ڳوٺاڻن جي مدد سان هندستان مان آيلن آباد ڪيا اتي بنگلا گهڻ ماڙ عمارتون آهن، اتي اسپتالون، اسڪول سيوريج جو نظام روڊ رستا آهن، جن وٽ ڪجهه ناهي اهي خاموش آهن ۽ جن وٽ سڀ ڪجهه آهي اهي راڙيون پيا ڪن ته اسان سان ظلم آهي، هنن ڀائرن کان ڪير پڇي ته اوهان جڏهن هندستان مان آيا هئا ته اوهان وٽ کائڻ لاءِ اٽو نه هو، پهرڻ لاءِ ڪپڙو نه هو، سر ڍڪڻ لاءِ ڇت نه هئي، اهو سڀ ڪجهه اوهان کي فراهم ڪندڙن سان اوهان جيڪو 64 سال ظلم ڪيو آهي انهن جي نفرت سان جيڪا اوهان جٺ ڪئي آهي، اهڙو مثال دنيا ۾ پاڪستان کان سواءِ صرف ٻن ٽن هنڌن تي ملي ٿو، اسرائيل، آمريڪا جتي پناهه گيرن ڌرتي ڌڻين لاءِ پنهنجي ڌرتي تنگ ڪئي وئي.
Sunday, November 17, 2013
MUST READ.......
قصو هن ريت آهي ته، هڪ ايراني سنگ تراش پنهنجي محبوب جو سفيد سنگ مرمر مان مجسمو ٺاهيو. پر پوءِ هن کي احساس ٿيو ته محبوب منهنجي من جون ڳالهيون ٻڌندو آهي ۽ موٽ ۾ پاڻ مون سان سور اوريندو آهي. ٻاهن جا هار پائيندو آهي. پر هن ۾ ته اهڙي ڪا به ڳالهه نه آهي. ان ڪري ان جو نالو ئي رکيائين صنم يعنيٰ ته انسان جي سڀني احساسن کان قاصر. پوءِ ته اهو بت ڏاڍو مشهور ٿيو ديس ديس ان جو قصو پهتو، ايران جي شاعرن بيوفا محبوب کي ان سان تشبيهه ڏني ۽ پوءِ سنڌ هند ۾ به شاعرن ان کي ان حوالي سان ياد پئي ڪيو آهي.
پر هن وقت ماڻهن کي الائي ڇا ٿي ويو آهي جو پنهنجي وفادار محبوب کي به صنم پيا چون. پنهنجي ٻارن جا نالا به صنم پيا رکن.
هاڻي سنڌ مان عربي ۽ فارسيءَ جو زور ختم ٿي ويو آهي ان ڪري ماڻهو اهڙيون غلطيون ٿا ڪن. ورنه ائين ڪو نه ٿئي ها. اسان وٽ سنڌ ۾ اڪثر ماڻهو عربن جا نالا رکندا آهن. جن جي معنيٰ جي خبر ئي ڪو نه هوندي اٿن. پوءِ جڏهن خبر پوندي اٿن ته، کلي کلي کيرا ٿيندا آهن. مثال طور نالو آهي، همزهه جنهن جي معنيٰ آهي وڏي ازدهه بلا، يا وري نالو آهي، ابو هريرهه معنيٰ اٿس ٻلين جو پيءُ، سو سائين هي سڀ بيخيريءَ جو ڳالهيون آهن
Labels:
KAM JEE GALEH
4 MILLION CHILDREN ARE NOT GOING TO SCHOOL IN SINDH
تازو ٿوري ٿوري وقفي سان، سنڌ ۾ تعليم جي صورتحال جي باري ۾ ٻه رپورٽون سامهون آيون آهن، هڪ رپورٽ” اثر پاڪستان“ Annual status of education report نالي هڪ قومي اين جي او جي آهي، جڏهن ته ٻي رپورٽ يونيسڪو، يونيسيف، عالمي بئنڪ ۽ ٻين ادارن جي گڏيل رپورٽ آهي. انهن ٻنهي رپورٽن سان وفاقي توڙي صوبائي حڪومت جي دعوائن جا پول پڌرا ٿي وڃن ٿا. عالمي ادارن واري رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سڄي ملڪ ۾ 65 لک ٻارڙا بنيادي تعليم کان محروم آهن، جنهن مان سنڌ ۾ اهرڻ ٻارڙن جو تعداد سڀني صوبن کان وڌيڪ 40 لک آهي، جن هيل تائين اسڪول جو منهن به نه ڏنو آهي
Labels:
News in Sindhi
سنڌ جي نوجوانن لاءِ پرڏيهه ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جا موقعا
icse_international@yahoo.com
Labels:
STUDENTS NEWS
quotes
انسان کي سندس عقل سان سڃاڻو، شڪل سان نه.(فقال شاشي)
صبر جسم نه پر روح جي طاقت جو نالو آهي.(فيثا غورث)
ڊگهي زبان زندگيءَکي مختصر بڻائي ڇڏيندي آهي.(شيخ ڪرماني)
اهو راز محفوظ ناهي جنهن جي امين عورت هجي.(وانسن چين)
جيڪو شخص پنهنجا راز لڪائي نه ٿو سگهي، اهو پنهنجو وقار وڃائي ويهي ٿو.(سرٿامس)
Labels:
ڏاهن جا گفتا
Subscribe to:
Posts
(
Atom
)