قصو هن ريت آهي ته، هڪ ايراني سنگ تراش پنهنجي محبوب جو سفيد سنگ مرمر مان مجسمو ٺاهيو. پر پوءِ هن کي احساس ٿيو ته محبوب منهنجي من جون ڳالهيون ٻڌندو آهي ۽ موٽ ۾ پاڻ مون سان سور اوريندو آهي. ٻاهن جا هار پائيندو آهي. پر هن ۾ ته اهڙي ڪا به ڳالهه نه آهي. ان ڪري ان جو نالو ئي رکيائين صنم يعنيٰ ته انسان جي سڀني احساسن کان قاصر. پوءِ ته اهو بت ڏاڍو مشهور ٿيو ديس ديس ان جو قصو پهتو، ايران جي شاعرن بيوفا محبوب کي ان سان تشبيهه ڏني ۽ پوءِ سنڌ هند ۾ به شاعرن ان کي ان حوالي سان ياد پئي ڪيو آهي.
پر هن وقت ماڻهن کي الائي ڇا ٿي ويو آهي جو پنهنجي وفادار محبوب کي به صنم پيا چون. پنهنجي ٻارن جا نالا به صنم پيا رکن.
هاڻي سنڌ مان عربي ۽ فارسيءَ جو زور ختم ٿي ويو آهي ان ڪري ماڻهو اهڙيون غلطيون ٿا ڪن. ورنه ائين ڪو نه ٿئي ها. اسان وٽ سنڌ ۾ اڪثر ماڻهو عربن جا نالا رکندا آهن. جن جي معنيٰ جي خبر ئي ڪو نه هوندي اٿن. پوءِ جڏهن خبر پوندي اٿن ته، کلي کلي کيرا ٿيندا آهن. مثال طور نالو آهي، همزهه جنهن جي معنيٰ آهي وڏي ازدهه بلا، يا وري نالو آهي، ابو هريرهه معنيٰ اٿس ٻلين جو پيءُ، سو سائين هي سڀ بيخيريءَ جو ڳالهيون آهن