Social Icons

Sunday, November 17, 2013

4 MILLION CHILDREN ARE NOT GOING TO SCHOOL IN SINDH


                       تازو ٿوري ٿوري وقفي سان، سنڌ ۾ تعليم جي صورتحال جي باري ۾ ٻه رپورٽون سامهون آيون آهن، هڪ رپورٽ” اثر پاڪستان“ Annual status of education report نالي هڪ قومي اين جي او جي آهي، جڏهن ته ٻي رپورٽ يونيسڪو، يونيسيف، عالمي بئنڪ ۽ ٻين ادارن جي گڏيل رپورٽ آهي. انهن ٻنهي رپورٽن سان وفاقي توڙي صوبائي حڪومت جي دعوائن جا پول پڌرا ٿي وڃن ٿا. عالمي ادارن واري رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سڄي ملڪ ۾ 65 لک ٻارڙا بنيادي تعليم کان محروم آهن، جنهن مان سنڌ ۾ اهرڻ ٻارڙن جو تعداد سڀني صوبن کان وڌيڪ 40 لک آهي، جن هيل تائين اسڪول جو منهن به نه ڏنو آهيGraphic8

سنڌ جي نوجوانن لاءِ پرڏيهه ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جا موقعا

Mag-1711201312
 جيڪي گريجوئيشن يا ماسٽرس پاس هئڻ باوجود هڪ بهترين نوڪري کان محروم آهن ۽ پاڻ، پنهنجي خاندان ۽ قوم جي خوشحالي لاءِ اعلي تعليم حاصل ڪرڻ جا خواهشمند آهن ته ان صورتحال ۾  ميڊيڪل، انجنيئرنگ ۽ ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ انڊر گريجوئيشن، گريجوئيشن، ماسٽرس، ايم فل، پي ايڇ ڊي ۽ ڊپلوما جي ڊگري وغيرحاصل ڪرڻ جي خواهشمند نوجوانن کي دنيا جي بهترين گورنمينٽ ڪاليجن/يونيورسٽين ۾ داخلا، ويزا حاصل ڪرڻ، پڙهائي دوران واندڪائي جي وقت ۾ نوڪري (پارٽ تائيم جاب) ۽ انٽرشپ حاصل ڪرڻ ۾ انٽرنيشنل سينٽر فار اسٽڊي ايڪسچينج جيڪو برٽش ڪائونسل کان سرٽائيفائڊ آهي نالي ادارو پاڪستان جي نوجوانن جي رهنمائي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. تنهنڪري دنيا جي بهترين ادارن مان تعليم حاصل ڪرڻ جا خواهشمند نوجوان  پنهنجا اسڪين ٿيل ڪاغذ هيٺ ڏنل اي ميل ايڊريس تي موڪلي مفت رهنمائي حاصل ڪري سگھن ٿا. سو سنڌ جي نوجوانن لاءِ هي هڪ بهترين موقعو آهي ته اهي اعلي تعليم حاصل ڪري پنهنجو، پنهنجي والدين ۽ قوم جو نالو روشن ڪن.
icse_international@yahoo.com

quotes

انسان کي سندس عقل سان سڃاڻو، شڪل سان نه.(فقال شاشي)
صبر جسم نه پر روح جي طاقت جو نالو آهي.(فيثا غورث)
ڊگهي زبان زندگيءَکي مختصر بڻائي ڇڏيندي آهي.(شيخ ڪرماني)
اهو راز محفوظ ناهي جنهن جي امين عورت هجي.(وانسن چين)
جيڪو شخص پنهنجا راز لڪائي نه ٿو سگهي، اهو پنهنجو وقار وڃائي ويهي ٿو.(سرٿامس)

loss to mobile companies

price of salt نمک کی قیمت

Guard of honor to sachin....

Thank you sachin........!

Race competition like 'MONKEYS'

Shah Rukh Khan

Benefits of Social Media