Saturday, November 16, 2013
Friday, November 15, 2013
ڏٺل وائٺل چهرا اوپرا ڇو لڳندا آهن؟
نون طبي تجربن مان انڪشاف ٿيو آهي ته انساني جسم جي ڪيترين ئي بيمارين جو سڌو سنئون واسطو انسانن جي نفسيات سان آهي. اهڙي ئي هڪ بيماري فيس بلائينڊ به آهي. يعني ڏٺل چهرا به اوپرا لڳندا آهن. فيس بلائينڊ جو شڪار ماڻهن کي گهڻو ڪري اهي چهرا سڃاڻي نه سگهندا جيڪي انهن جا اڳي به ڏٺل هوندا آهن. ڊاڪٽرن جي ٻولي ۾ هن بيماريءَ کي پروسو پيگنوسيا چيو وڃي ٿو
مڙس کي خواب ۾ زندهه ڏسي زال قبر کوٽائي ڇڏي
پيرجوڳوٺ صدرجي ڀٽيون جي شيخ پاڙي ۾ 6 مهينا اڳ دل جي دوري پوڻ سبب فوت ٿيل مستري عبدالغني شيخ جي گهرواري مسمات شبانه شيخ پنهنجي ڏيرن عبدالرزاق ۽ ٻين کي ٻڌايو ته سندس مرحوم مڙس خواب ۾ ڪيترائي ڀيرا آيو آهي ۽ کيس ايلاز ڪري رهيو آهي ته آءُ زنده آهيان مونکي قبر مان ڪڍرايو وڃي عورت جي اسرار تي فوت ٿيل مستريءَ جي ڀائرن عبدالرزاق ۽ ٻين ڪيترن ئي عبدالرحمان انڙ پوليس کي اطلاع ڏيڻ بعد قبرستان مان مرحوم مستري عبدالغني جي قبر ڪشائي ڪئي لاش ڳريل ڏسي کيس ٻيهر دفنايو ويو ان سلسلي ۾ عبدالرزاق شيخ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو آهي ته سندس ڀاڄائي ۽ پاڙيوارن کي خواب ۾ ڀاءُ جي زنده هجڻ جي اشاري بعد ڀاڄائي جي گهڻي اسرار ڪرڻ تي قبر ڪشائي ڪئي ويئي پر سندس مرحوم ڀاءُ جو لاش ڳريل هيو بعد ۾ کيس ٻيهر دفنايو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته مرحوم کي 4 ٻارن جو اولاد آهي
Labels:
Interesting News
Subscribe to:
Posts
(
Atom
)