هڪ تازي تحقيق دوران هي ڳالهه سامهون آئي آهي ته سائيڪل هلائڻ وارن ماڻهن کي هارٽ اٽيڪ جو خطرو گهٽ هجي ٿو ۽ اهي عام ماڻهن کان سراسريطور 6 سال وڌيڪ جيئرا رهن ٿا. هن تحقيق جا نتيجا تازو ئي پڌرا ڪي ا ويا آهن.
Thursday, November 7, 2013
تجربا ڪڏهن ختم ناهن ٿيندا، عقلمند اهو آهي جيڪو انهن مان سبق حاصل ڪندو رهي.
(حضرت علي رضه)
دنيا ۾ صرف مورخ ئي اهو شخص آهي جيڪو بار بار پوئتي مڙي ڏسندو آهي.
(شينگل)
تاريخ هميشه پنهنجو پاڻ کي ورجائيندي آهي ۽ اها ئي تاريخ جي غلطي آهي.
(سمرسٽ ماهم)
جيڪو ماڻهو پاڻ تي شڪ ڪري ٿو، اهو پاڻ سان دشمني ڪري ٿو.
(چاننگ)
آئون پنهنجي تجربن جي روشني ۾ ان نتيجي تي پهتو آهيان ته آئون پنهنجي تڪليف جو پاڻ ذميوار آهيان.
(ڊيل ڪارين گي)
Labels:
ڏاهن جا گفتا
جيڪڏهن ڪو قدر ڪرڻ وارو نه ملي ته به نيڪي ڪرڻ نه ڇڏيو.
(حضرت علي رضه)
جڏهن انسان جي روش خدا جي حڪمن موجب بڻجي وڃي ته اهو دشمن کي به دوست بڻائي ڇڏيندو آهي.
(اب بيطار)
طاقت ذريعي محبت حاصل ڪرڻ وارا اهڙا ئي آهن جهڙا جبلن مان کير حاصل ڪرڻ وارا احمق.
(ملٽن)
مڙيئي تصور ضرورت جي وقت ڪوڙا ثابت ٿيندا آهن.
(نٽشي)
آزادي جو ٻج تيستائين انگورجي نه ٿو سگهي جيستائين ظلم جي پاڻي سان ان جي آبياري نه ٿئي.
(ابوالڪلام آزاد)
چونڊ: وقار احمد راهمون
Labels:
ڏاهن جا گفتا
Wednesday, November 6, 2013
Subscribe to:
Posts
(
Atom
)