وقت اهڙو انڌو، ٻوڙو ۽ گونگو پکي آهي، جنهن کي پنهنجي اڏام سواءِ ڪجهه به پيارو ناهي هوندو.
(ايني هل)
آئيڊيل جي ڳولا ۾ رهڻ کان بهتر آهي ته انسان پاڻ آئيڊيل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري.
(رچرڊ نڪسن)
وفادار ماڻهو ڪنهن سان به بي وفائيءَ جي شڪايت ناهي ڪندو.
(خواجا فريد)
جاهل کان وڌيڪ غريب ڪو به نه ٿو ٿي سگهي.
(مائوزي تنگ)
ڊپ قومن جي معنوي زندگي لاءِ موت جهڙي مرض وارو درجو رکي ٿو.
(ابو الڪلام آزاد)
چونڊ: وقار احمد راهمون