skip to main
|
skip to sidebar
”ٿنڀي تي چڙهڻ جو شرط“ مدئجي ڀرسان ڌنار ڪرنٽ ۾ سڙي ڪوئلو
مدئجي ڀرسان ڳوٺ خدا بخش بروهي جي پويان واپڊا جي هاءِ ٽرانسميشن لائين 66 هزار ڪي وي جي پول تي چڙهڻ لاءِ بروهي برادري جي 5 ڌنارن پاڻ ۾ شرط رکي. ان موقعي تي 17 ورهين جو محمد صالح بروهي ڪرنٽ لڳڻ سبب موقعي تي ئي سڙي فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش ڪيترائي ڪلاڪ هاءِ ٽرانسميشن جي ٽاور ۾ لٽڪيل رهيو. ڳوٺاڻن پاران هاءِ ٽرانسميشن لائين جي هيڊ ڪوارٽر لاڙڪاڻو ۾ اطلاع ڏنو ويو، جتان بجلي سپلاءِ بند ڪرائي وئي، جنهن بعد نوجوان جو لاش رسن ذريعي هيٺ لاٿو ويو. سندس لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو
No comments :
Post a Comment