روشني جي مدد سان 10 جي بي في سيڪنڊ جي رفتار سان ڊيٽا منتقل ڪرڻ جو ڪامياب تجربو
لنڊن (اي پي پي) برطانوي سائنسدانن دعويٰ ڪئي آهي ته انهن روشني جي مدد سان 10 گيگا بائٽ في سيڪنڊ جي رفتار سان ڊيٽا منتقل ڪرڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي، برطانوي ميڊيا مطابق انٽرنيٽ تي تارن کانسواءِ معلومات منتقل ڪندڙ ان ٽيڪنالوجي کي (لاءِ فاءِ) جو نالو ڏنو ويو آهي، سائنسدانن مائيڪرو ايل اي ڊي بلب جي مدد سان روشني جي هر بنيادي رنگ، ڳاڙهي، اڇي ۽ سائي ذريعي 3.5 گيگا بائيٽ في سيڪنڊ جي رفتار سان ڊيٽا مڪمل ڪئي، جنهن جو مطلب آهي ته روشني جي هڪ شعاع سان 10 جي بي في سيڪنڊ تائين ڊيٽا منتقل ڪري سگهجي ٿي، لاءِ فاءِ هڪ سستي ٽيڪنالوجي آهي جنهن جي مخصوص ايل اي ڊي بلبن ذريعي انتهائي گهٽ خرچ تي تيز رفتار انٽرنيٽ فراهم ڪري سگهجي ٿي.
No comments:
Post a Comment