عوامي بسون هن ٽيڪنالاجي مان وڏو فائدو حاصل ڪري رهيون آهن. سال 2015ع تائين هن ۾ 10 وڌيڪ بسن جو اضافو ڪيو ويندو. ڪوريا ايڊوانس انسٽيٽيوٽ آف سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجي ڪاٽسٽ جو ڊانگ هو چوڪا جيڪو هن پروجيڪٽ جو سربراهه آهي. تنهن جو چوڻ آهي ته نهايت فخر جهڙي ڳالهه آهي جو اسان هن منصوبي ۾ ڪامياب ٿي ويا آهيون. هي يقينن عوام کي ٽرانسپورٽ جي سهولت مهيا ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪرڻ جو هڪ وڏو موقعو آهي. هن جي چارجنگ جو طريقو ٻڌائيندي هن چيو ته بس هيٺان لڳل هڪ اوزار روڊ مان شيپڊ ميگنيٽڪ فيلڊ ان ريزفيش نالي ٽيڪنالاجي وسيلي بجلي حاصل ڪري ٿو. هن روڊ جي سطح اٽڪل 17 سينٽي ميٽر تائين مٿي آهي.
Tuesday, November 12, 2013
اليڪٽرڪ گاڏين کي چارج ڪندڙ روڊ
Labels:
Interesting News
انسانيت جي خدمت ڪرڻ هر هڪ شريف انسان جو طبعي فرض آهي.
(مولانا عبيدالله سنڌي)
سون جي متلاشي ماڻهن کي چاندي به نصيب نه ٿيندي آهي.
(ميورائيس سيٽر)
سچي ڳالهه ٻڌي سچ چوڻ جي همٿ پيدا ٿيندي آهي.
(امام غزالي)
جنهن سان دوستي ڪريو، ان جي جاسوسي نه ڪريو.
(اڻڄاتل ڏاهو)
جيڪڏهن قيدين کي پنهنجي ووٽ سان پنهنجي جيلر چونڊجڻ جو حق ملي وڃي ته ان سان اهي آزاد نه ٿي ويندا.
(ابو الڪلام آزاد)
چونڊ: وقار احمد راهمون
Labels:
ڏاهن جا گفتا
سنڌي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ نامناسب لفظ
انگريزي لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ داخل ٿي ويا آهن، جيئن ڄڻ ته اصلي سنڌي ٻوليءَ جا هجن، مثال طور، ”اسٽان“، ”ماستر“، ”ٽيپ“، ”ماچيس“ ۽ ”بڪسو“. اهي انگريزي ٻوليءَ جا لفظ (stance, Master, tape, match, box آهن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ داخل ٿي مٿئين شڪل وٺي ويا آهن پر انهن کي سولي سنڌيءَ ۾ ”اَڏو“، ”اُستاد“، ”واڄو“، ”تِيلي دٻو“ ۽ ”دٻو“ سڏيو ويندو آهي. باقي رهي ڳالهه عام شين جي نالن جي، جنهن تي ئي اصل بحث هلي رهيو آهي، اهي لفظ انگريزي ٻوليءَ جا ئي آهن. مثال طور، Bus, Motor cycle, Car, T.V, Telephone وغيره...اهڙن لفظن کي دنيا جي ترقي يافته ٻولين ۾ به انهن ئي نالن سان سڏيو ويندو آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته، سنڌي ٻوليءَ تي عربي، فارسي ۽ ٻين ٻولين جو اثر هر دور ۾ ٿيندو رهيو آهي پر پوءِ به سنڌي ٻوليءَ جي لکڻيءَ تي ڪو به اثر نه پيو آهي
Labels:
Educational
Monday, November 11, 2013
Subscribe to:
Posts
(
Atom
)